نواز شريف جون واپسي لاءِ تياريون، پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون

دبئي: گذريل ڏينهن متحده عرب امارات پهچندڙ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي دبئي حڪومت طرفان خاص پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي.

نوازشريف گهر ڀاتين سان گڏ دبئي ۾ پنهنجي ناٺي علي ڊار جي رهائشگاهه ايمريٽس هلز ۾ ترسيل آهي. نوازشريف اڄ رائل فيملي ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. اهڙين ملاقاتن ۾ مريم نواز به پنهنجي والد سان گڏ هوندي.

دبئي جي حڪومت طرفان نوازشريف کي خصوصي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. نوازشريف دبئي ۾ ترسڻ کان پوءِ ابو ظهبي ۽ سعودي عرب روانو ٿيندو. نوازشريف سعودي عرب ۾ هڪ هفتي تائين ترسندو. جنهن کان پوءِ هو ٻيهر دبئي ايندو.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اڃان تائين لنڊن ۾ موجود آهي. ان جي روانگي جا جلد امڪان آهن. نوازشريف پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ عيد دبئي ۾ ملهائيندو. ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف جي ملاقاتن جو پهريون سيشن مڪمل ٿي چڪو آهي. نوازشريف جي پاڪستان واپسي جو روڊ ميپ تيار ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشيف جي ملڪ واپسي جي رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي هٽائڻ جي لاءِ ماهرن سان مشورا ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب پاڪستاني سياست جو مرڪز هن وقت دبئي بڻيل رهندو جنهن جي لاءِ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جي دبئي پهچڻ جو امڪان آهي. دبئي ۾ نوازشريف جون سياسي اڳواڻن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي.

Read Previous

بجيٽ رد، اسحاق ڊار استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي ذميواري ڏئي، پي ٽي آءِ

Read Next

ڪراچي جا رد ٿيل ماڻهو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر آهن، خالد مقبول صديقي

Most Popular