 
									                                ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي ته مان جن سياستدانن جون وڊيوز ليڪ ڪندي آهيان اهي  ان جي ئي قابل آهن.
لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي حريم شاهه چيو ته وڊيوز ليڪ بابت جنهن کي منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪرڻو آهي مون کي ان جو ڊپ نه آهي. هن وقت به ملڪ ۾ آهيان ۽ مقابلو ڪندس.
هن چيو ته صندل خٽڪ جي معاملي تي ايف آءِ اي ۽ عدالتن جي ٿورائتي آهيان. وڪيلن جي مشاورت سان ان کي ضمانت ملي ته وئي آهي پر بري نه ٿي آهي.
ٽڪ ٽاڪر وڌيڪ چيو ته مان هڪ ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪندس.
 هن چيو ته مولانا فضل الرحمان مون کي ڌمڪيون ڏنيون پر مان ڪنهن کان به نٿي ڊڄان،  هن ملڪ ۾ آهيان جنهن کي جيڪو وڻي اهو ڪري وٺي.
 
         
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
							  
							  
							 