لکن جي تعداد ۾ پانڌيئڙا حج جي ادائگيءَ لاءِ سعودي عرب پهتل

مڪه مڪرمه: لکن جي انگ ۾ حج جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهتل پانڌيئڙن اڄ تاريخ جي سڀني کان وڏي حج جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال حاجي سڳورن جو انگ 20 لک کان وڌندي ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو.

حاجي سڳورن جي هن رڪارڊ ساز انگ ۾ 160 ملڪن کان سعودي عرب پهتل ماڻهو به شامل آهن. هلندڙ سال جو حج تاريخ جو سڀني کان وڏو حج قرار ڏئي سگهجي ٿو.

سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت جي اڳڪٿي موجب جيڪڏهن شيون منصوبي موجب رهيون ته هلندڙ سال اسان تاريخ جو سڀني کان وڏو حج ڏسنداسين. سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي اهلڪار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هلندڙ سال حاجي سڳورن جو انگ 25 لک کان به وڌي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب گذريل جمعي تي سڄي دنيا مان 16 لک کان وڌيڪ حاجي سڳورا حج جي ادائيگي لاءِ مقدس جڳهين تي پهچي چڪا هئا.

حج جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال هڪ لک 57 هزار پاڪستاني حاجي سڳورا سعودي عرب پهتل آهن. پاڪستاني اختيارين موجب منيٰ ۾ پاڪستاني حج مشن جا 2 ڪيمپ آفيس قائم ڪيا ويا آهن. جيڪي گم ٿي ويل جي بازيابي، شڪايت ۽ مانيٽرنگ ڊيسڪ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا.

سعودي جي هڪ ڪاورباري شخصيت موجب هلندڙ حج سيزن دوران اسان جي 67 هوٽلن مان ڪوبه هڪ ڪمرو خالي نه آهي.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ برسات، 12 ڄڻا فوت 15 کان وڌيڪ زخمي

Read Next

ميئر ڪراچي جي فٽبال کيڏڻ تي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جو تبصرو

Most Popular