پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توشا خانا ڪيس بابت فيصلو ٻڌايو

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي توشا خانا ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو

پي ٽي آءِ چيئئرمرن توشا خانا ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ بابت درخواست داخل ڪئي هئي

ان کان اڳ سيشن ڪورٽ توشا خانا ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو

ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ وڪيل جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪارروائي روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، ڪوئيٽا ۾ وڪيل جي قتل ۾ نامزدگي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عائشا ملڪ ٻڌڻي هلائي

عدالت ڪيس ۾ ڪارروائي تي منع نامي جي استدعا رد ڪئي، عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي، عدالت جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ درخواست رد ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ان تي حڪم نامو نه ٿي ڏئي سگهي

Read Previous

گلگت بلتستان جو وڏو وزير نااهل قرار

Read Next

نواز شريف، مريم سميت دبئي کان سعودي عرب پهچي ويو

Most Popular