آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر وڌيڪ 10 رپيا سستو ٿي ويو

امريڪي ڊالر

آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر کي بريڪ، 10 رپيا سستو ٿي ويو، اڄ ڪاروبار شروع ٿيندي ئي انٽر بئنڪ ۾ رپئي آڏو ڊالر هيٺ اچي ڪري پيو.

ڪاروبار شروع ٿيندي ئي ڊالر جي قيمت ۾ 7 رپيا 71 پئسا لاٿ آئي، جنهن کان پوءِ ڊالر 275 رپيا 44 پئسا ٿي ويو، ڪاروبار دوان ڊالر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي ۽ ڊالر مجموعي طور تي 10 رپيا 55 سستو ٿي 275 رپيا 44 پئسن جو ٿي ويو.

اسٽيٽ بئنڪ موجب 27 جون تي ختم ٿيل ڪاروباري هفتي ۾ ڊالر 285 رپا 99 پئسن تي بند ٿيو هو، گذريل ڏينهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 2246 پوانئٽس رڪارڊ اضافي سان 43 هزار 899 تي بند ٿيو.

گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر 5 رپين تائين سستو ٿيو۽ ڊالر 285 رپين جو ٿي ويو هو

Read Previous

نواز شريف، مريم سميت دبئي کان سعودي عرب پهچي ويو

Read Next

نيپرا مهانگائي ستايل عوام مٿان بجلي ڪيرائي ڇڏي

Most Popular