نيپرا مهانگائي ستايل عوام مٿان بجلي ڪيرائي ڇڏي

بجلي

اسلام آباد: نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 25 پئسا اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيپرا موجب فيصلو ڊسڪوز جي مالي سال 2022-23ع جي ٽئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو.

قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن تي لاڳو ٿيندو، نيپرا ڊسڪوز جي درخواست تي 24مئي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي.

ان کان اڳ جون تائين صارفين کان ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 47 پئسا چارج ڪيا پئي ويا، نئون فيصلو ڪي اليڪٽرڪ لاءِ نه هوندو پر اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪراچي واسين لاءِ به بجلي مهانگي ڪئي ويندي.

Read Previous

آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر وڌيڪ 10 رپيا سستو ٿي ويو

Read Next

وڏي وزير جي اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ سنڌ جي 36 رانديگرن سان ملاقات

Most Popular