خطي ۾ جٽادار امن شنگهائي تعاون تنظيم ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خطي جي پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي.

ڀارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سالياني سربراهي ورچوئل اجلاس کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي واپاري زون قائم ڪيا پيا وڃن. دنيا کي معاشي ۽ سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پيو آهي. رابطن کي هٿي ڏيڻ سان معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. سي پيڪ معاشي خوشحال، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو.

شهباز شريف چيو ته رياستي دهشتگردي ۾ معصوم ماڻهن جو قتل انتهائي مذمت جوڳو آهي. دهشتگردي جي سمورين قسمن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان عظيم قربانيون ڏنيون. خطي ۾ پائيدار امن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. عالمي برادرري افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌي. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو .عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير ملڪن جي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته خطي ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ويجهي تعاون جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالي جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو. عالمي امن لاءِ ماڻهن کي ڪشميرين جو حق خود اراديت يقيني بنائڻو پوندو. مذهبي منافقت پکيڙندڙ روين جي حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر جي طور تي ايران جي آجيان ڪئي. شهباز شريف چيو ته قازقستان کي تنظيم جي رڪنيت ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. بيلاروس کي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبر بنجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي دعوت تي ايس سي او سي ايڇ ايس جي 23هين اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

Read Previous

ڀارتي پروڊيوسر ننڍن ملازمن کي معاوضو ادا نه ٿا ڪن؟: اميشا پٽيل

Read Next

شاهوڪار ڌرتي جا وارث هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن، قادر مگسي

Most Popular