ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ لاءِ انگلينڊ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

انگلينڊ ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انگلينڊ طرفان ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون، اولي پوپ، جيمس اينڊرسن ۽ جوش ٽنگ کي ڊراپ ڪيو ويو.

انگلش ٽيم ۾ معين علي، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ کي ٽئين ٽيسٽ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي.

انگلش ٽيم ۾ زيڪ ڪرولي، بين ڊڪٽ، هيري بروڪ، جو روٽ ۽ جوني بيئرسٽو شامل آهن.

ان کان علاوه ڪپتان بين اسٽوڪس، معين علي، ڪرس ووڪس، مارڪ ووڊ، اولي رابنسن ۽ اسٽيورٽ براڊ به اسڪواڊ جو حصو آهن.

Read Previous

شاهه رخ خان نڪ جي سرجري بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

Read Next

لاهور ۾ برسات ٿيندي ئي شاهنواز ڏاهاڻي کي بلاول ڀٽو جو مشهور جملو ياد اچي ويو

Most Popular