پهريون ڀيرو عمري تي وڃڻ واري راکي ساونت جو وڊيو پيغام وائرل

مشهور، تڪراري ڀارتي اداڪارا ۽ ڊانسر راڪي ساونت جو هڪ وڊيو پيغام سوشل ميڊيا پيجز تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته هوءَ پهريون ڀيرو عمري تي وڃي رهي آهي.

ياد رهي ته راڪي ساونت هلندڙ سال جي شروعات ۾ بزنس مين عادل خان دراني سان شادي ڪئي هئي ۽ اسلام قبول ڪيو هو، راکي ساونت هن سال رمضان جا روزا به رکيا هئا.

راکي ساونت جي جهاز تي ويهڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ حجاب ۽ رفيل لباس ۾ نظر اچي رهي آهي.

وڊيو ۾ اداڪارا جو چوڻ آهي ته هوءَ پهريون ڀيرو عمري تي وڃي رهي آهي، هوءَ ڏاڍي خوش آهي ته کيس دعوت ڏني وئي آهي.

Read Previous

مهيش ۽ سوني جي حقيقي زندگي جا ڊائلاگ فلم جو حصو بڻجي ويا

Read Next

عاليا ڀٽ ۽ ڪريتي سينن کي بالي ووڊ جي بهترين اداڪارا قرار ڏنو ويو

Most Popular