خوبصورتيءَ جي ڪري انڊسٽري ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، مومنه اقبال

ڪراچي ؛ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا مومنه اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي پنهنجي رنگت جي ڪري انڊسٽري ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.

اداڪاره مومنه اقبال تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي نائيٽ شو ۾ شرڪت ڪئي.

ان دوران هن پنهنجي مداحن کي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو ڏنو.

مومنا اقبال چيو ته مان بي ڪم ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري جي ميدان ۾ آئي، خوش قسمتيءَ سان شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ليڊ رول جي آڇ ٿي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته سينيئر اداڪارن لاءِ ڪيريئر جي شروعات ۾ ليڊ رولز پيش ڪرڻ مشڪل هو.

Read Previous

دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي چانهه جي ڪٽلي جي هاڪ

Read Next

ڀارتي ڳائڻو ديو ڪوهلي 81 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular