فاطمه قتل ڪيس ۾ ڊسپينسر امتياز ميراڻي به نامزد، اسد شاهه جي ڊرائيور مٿان ڪيس داخل

راڻيپور پوليس حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ ڊسپينسر امتياز ميراڻي کي به نامزد ڪري ورتو، راڻيپور جا پير فاطمه ۽ ٻين ملازم ٻارڙين جو علاج ڪرائڻ لاءِ امتياز ميراثي کي حويلي گهرائيندا هئا.

ڪيس ۾ نامزد سڃاتل جوابدارن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، ڪيس ۾ نامزد ڪيل ٻين جوابدارن ۾ اسد شاهه، سندس گهرواري حنا شاهه ۽ حنا شاهه جو پيءُ فياض شاهه شامل آهن.

پوليس حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ڊرائيور اعجاز خاصخيلي تي سهولتڪاري جو ڪيس داخل ڪري ورتو.

اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز کي گذريل ڏينهن ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو، قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پوليس پاران جوابدار جي وڌيڪ 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن اعجاز خاصخيلي سميت گرفتار ڪيل 12 ڄڻن کي به اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Read Previous

آئي فون ۾ "i” جي ڪهاڻي

Read Next

توشه خانه ڪيس، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل، آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular