برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مقرر پريس قونصل دائود احتشام جي لاءِ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.
ان موقعي تي بيلجيم ۾ آباد مقامي صحافي برادري ۽ پاڪستاني سفارتخاني ۾ نئون مقرر ٿيل پريس قونصل محمد صغير وٽو، اقتصادي وزير عمر حميد، ڊپٽي هيڊ آف مشن فراز زيدي ۽ ڪمرشل قونصل بلال خان پڻ موجود هئا.
صحافي مزمل خان بيلجيم جي موسم ۽ مقام تي مختصر روشني وڌي، مرزا عمران بيگ ڪميونٽي ۽ يورپي يونين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، قونصل دائود احتشام برسلز ۾ نئين مقرر ٿيل پريس قونصل صغير ويٽو جي سفارتي مشن تي روشني وڌي ۽ صحافي برادري سان انفرادي طور تعارف ڪرايو.
صحافي محمد اقبال نديم بٽ نئين پريس قونصل صغير وٽو کي ڀليڪار ڪيو، جڏهن ته صحافي ملڪ اخلاق اعواڻ کيس گلن جو گلدستا پيش ڪري نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائڻ بعد بيلجيم ۾ سندس صحافتي سرگرمين بابت آگاهي ڏني.
پنهنجي مختصر خطاب ۾ نئين مقرر ٿيل پريس قونصل صغير ويٽو پنهنجي سفارتي مشن ۽ خدمتن کي صحافي برادري سان گڏيل تعاون لاءِ ناگزير قرار ڏنو.