عراق، ايراني زائرين جي بس کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

عراق ۾ ايراني زائرين جي بس کي حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ايراني زائرين جي بس عراق جي ڏاکڻي شهر ناصريه کان ڪربلا وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 31 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن مان 5 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

سمورن زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

Read Previous

برسلز: پريس قونصل دائود احتشام جي الوداعي تقريب منعقد

Read Next

ڀارت ۾ پارٽنر جي قتل جو هڪ ٻيو ڪيس، شڪ جي بنياد تي عورت قتل

Most Popular