ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جو سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪرپشن خلاف جلسو جاري آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪرپشن خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي جلسو جاري آهي
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سميت مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جي جلسي ۾ شرڪت، جلسي ۾ جگديش ڪمار، جئديپ، نازيه کوسو، ڪوثر، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جا وارث به شريڪ ٿيا
سراج الحق ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن سبب صوبو ترقي ڪرڻ بدران پٿرن جي دور ۾ هليو ويو