خيرپور ويجهو شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

خيرپور ويجهو شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، گذريل رات جهيڙي دوران زخمي ٿيل گل بيگ شيخ سول اسپتال خيرپور ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو

ڳوٺ ڪيھر خان شيخ ۾ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 ڄڻا محمد نواز شيخ، اڏيل شيخ ۽ شاهزيب شيخ مارجي ويا، فائرنگ ۾ حسن رضا ۽ گل بيگ زخمي ٿي پيا هئا، خوني جهيڙي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

اسپتال ۾ دم ڏيندڙ زخمي گل بيگ شيخ سائنس ڪاليج خيرپور جو پٽيوالو هو، سندس قتل خلاف شاگردن ۽ استادن جو قومي شاهراهه تي احتجاج ۽ ڌرڻو، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Read Previous

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

Read Next

ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليزون رد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular