
ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سرڪاري شاگردن جي قرضن تي وياج معاف ڪري ڇڏيو آهي.
ڪينيڊا جي وزيراعظم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيناڊا اسٽوڊنٽ اينڊ اپرنٽس لون تي وياج کي مستقل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته جڏهن به شاگرد موڪلن کان پوءِ تعليمي ادارن ۾ واپس ايندا ته ان جي ڪاميابي لاءِ حمايت جاري رکنداسين.
ياد رهي ته ڪينيڊا جا 75 سيڪڙو شاگرد سرڪاري قرضن تي ڀاڙين ٿا ۽ باقي نجي بئنڪن کان قرض وٺن ٿا.