مڪيش ڪمار چاولا جا فرنٽ مين ڄاڻايل 4 آفيسر گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا

ڪراچي: اربين روپين جي ڪرپشن جي انڪوائري شروع ٿيڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جا فرنٽ مين ڄاڻايل 4 آفيسر گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ورتي

ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز عبدالوحيد شيخ، حسن علي شريف، عامر گل شريف ۽ عامر شريف پاران گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

چئني آفيسرز موقف اختيار ڪيو ته نيب جي جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيون، خدشو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، عدالت نيب کي چئني آفيسرز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

چئني آفيسرز کي نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

نيب ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جي انڪوائري دوران ڄاڻايل آفيسرز کي مڪيش چاولا جو فرنٽ مين قرار ڏئي چڪو آهي

نيب پاران مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن

Read Previous

عدالت پاران آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ٻيهر گرفتار

Read Next

ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ۽ مظاهرا

Most Popular