ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال

ڪراچي ۾ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽربند هڙتال، مختلف علائقن ۾ ٽائر ساڙي ڌرڻا جاري آهن

نيشنل هاءِ وي گلشن حديد، قائد آباد، پٽيل پاڙه، شير شاهه ۽ اورنگي ٽائون ڌرڻا، ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن

ڪراچي: گلشن حديد کان هلندڙ پيپلز بس سروس به معطل شاهه لطيف ٽائون ويجهو مظاهرين پاران پوليس تي پٿراءُ، پورٽ قاسم ويندڙ روڊ به بلاڪ، گاڏين جو قطارون لڳي ويون

ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي پئي وڃي، سکر ۾ مرڪزي انجمن تاجران جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، سياسي سماجي ڌرين، قومپرست جماعت ۽ واپارين ۽ شهرين پاران ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

حيدرآباد، ملير، جيڪب آباد، شڪارپور،ڪشمور، ٺل، اوٻاوڙو، بخشاپور، ڏيپلو، سڪرنڊ، ٽنڊوباگو ۾ شٽربند هڙتال جاري آهي

لاڙڪاڻو، قاضي احمد، مورو، رتوديرو، گهارو، ڪنڌڪوٽ، شھدادڪوٽ، شاهپورچاڪر مٺي، ٻانڌي، هالا، بدين ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي

ٽنڊو محمد خان، ڪنري، ڊگهڙي، ميرپور ٻرڙو، کڏڙو، چيلھار، پڊعيدن، ٽنڊوآدم، جهڏو ۾ شٽربند هڙتال جاري آهي

Read Previous

دهشتگردي ٽوڙ عدالت حليم عادل شيخ جي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

ايمان مزاريءَ جي ضمانت منظور

Most Popular