شاهه رخ خان جلد ئي پنهنجي ڌيءَ سهانا خان سان اسپائي ٿرلر فلم ۾ نظر ايندو

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جلد ئي پنهنجي ڌيءَ سهانا خان سان گڏ جاسوسي ٿرلر فلم ۾ نظر ايندو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب شاهه رخ خان پنهنجي پهرين فلم ۾ ڌيءَ سهانا خان سان گڏ وڏي اسڪرين تي پنهنجي شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سهانا خان جي فلم جي هدايت نامياري هدايتڪار سوجوئي گهوش ڪندو ۽ فلم جي اسڪرپٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها اسپائي ٿرلر آهي جنهن ۾ سهانا خان جاسوسي جو مرڪزي ڪردار ادا ڪندي جڏهن ته شاهه رخ خان سندس هينڊلر جو ڪردار ادا ڪندو.

واضح رهي ته سهانا خان ان کان اڳ ڊائريڪٽر زويا اختر جي نئين نيٽ فلڪس فلم ”دي آرچيز“ سان اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي چڪي آهي، جيڪا هلندڙ سال 7 ڊسمبر تي نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.

Read Previous

دي ليجنڊ آف مولا جٽ کي ايوارڊز جي ريس ۾ شامل ڇو نه ڪرڻ بابت عمارا حڪمت جو بيان سامهون اچي ويو

Read Next

اولمپڪ گيمز ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو 8 سيپٽمبر تي متوقع

Most Popular