لاهور هاءِ ڪورٽ پاران چوڌري پرويز الاهي کي حڪم باوجود پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پاران چوڌري پرويز الاهي کي حڪم باوجود پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف ڪمشنر اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

جسٽس مرزا وقاص رئوف جي سربراهي ۾ چوڌري پرويز الاهي جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،عدالتي حڪم باوجود چوڌري پرويز الاهي کي پيش نه ڪيو ويو

جسٽس مرزا وقاص رئوف سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڪيئن نظر انداز ڪيو ويو؟

ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته پرويز الاهي کي طبي معائن لاءِ پمز منتقل ڪيو ويو، سيڪيورٽي سببن جي ڪري کيس پوليس لائينز ۾ رکيو ويو، کيس هتي عدالت ۾ آڻڻ مشڪل آهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پرويز الاهي کي پيش ڪرڻ ڪنهن جي انا جو مسئلو نه هجڻ گهرجي، چيف ڪمشنر اسلام آباد عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، کيس نوٽيس جاري ڪيون ٿا، توهين عدالت جي ڪارروائي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪيون ٿا، چيف ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي

Read Previous

پاڪستان دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي:وزيراعظم

Read Next

ٻارڙين سان لڄالٽ جا واقعا، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين جي جواب بعد فيصلو ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

Most Popular