اڳوڻو سريلنڪن ڪرڪيٽر سچٿيرا سينانائيڪي کي ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سچٿيرا سينانائيڪي تي الزام آهي ته هن لنڪن پريميئر ليگ 2020ع ۾ رانديگرن کي ميچ فڪسنگ لاءِ اڀاريو.
رپورٽن مطابق سريلنڪن پوليس سچترا سينا ناڪي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، کيس ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
سچارا سينانائيڪي سريلنڪا لاءِ 49 ون ڊي، 24 ٽي 20 ۽ هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏي چڪو آهي.