ايشيا ڪپ ۾ شاندار بالنگ، شاهين آفريدي ٽاپ 5 بالرن ۾ شامل ٿي ويو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ بابر اعظم پنهنجي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.

نئين ون ڊي بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم 882 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي.

پاڪستان جو امام الحق چوٿين ۽ فخر زمان ستين پوزيشن تي آهي، ايشيا ڪپ جي شروعات کان اڳ امام الحق ٽئين ۽ فخر زمان پنجين پوزيشن تي هو.

بيٽسمينن جي لسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ريسي ون ڊارسن ٻئي ۽ ڀارت جو شوبمان گل ٽئين نمبر تي آهي.

شاهين آفريدي کي ڀارت ۽ نيپال خلاف شاندار بالنگ کانپوءِ ترقي ڏني وئي، هو ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ نائين نمبر تي اچي ويو هو.

فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ٽاپ 5 بالرز ۾ شامل ٿي ويو آهي، هو تازي رينڪنگ ۾ پنجين نمبر تي آهي.

پاڪستاني فاسٽ بالر ٻن ميچن ۾ 29 ريٽنگ پوائنٽس حاصل ڪري 4 درجا ترقي حاصل ڪئي.

Read Previous

بنگلاديش خلاف ميچ ۾ نسيم شاهه ميدان ۾ واپس اچي ويو

Read Next

فريدآباد پوليس پاران مبينا اغوا ٿيل 2عورتن ۽ ٻارڙَي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Most Popular