سريلنڪا ۾ ايشيا ڪپ جون ميچون متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا

سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽن مطابق ڪولمبو ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ايشيا ڪپ جون ميچون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ڪولمبو ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جا ميچ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندا، جنهن لاءِ پاڪستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون اڄ شام ڪولمبو پهچنديون.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي ٽيم اڳ ئي ڪولمبو کان ڪنڊي پهچي چڪي آهي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ 2 سيپٽمبر تي پالي ڪلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ميچ به برسات سبب ملتوي ڪئي وئي هئي.

Read Previous

2 پاڪستاني رانديگرن کي پليئر آف دي منٿ نامزد ڪيو ويو

Read Next

پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڪولمبو روانيون

Most Popular