روسي صدر جارحيت ذريعي پنهنجا مقصد نه ماڻي سگهيو، نيٽو

نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ چيو آهي ته روسي صدر جارحيت ذريعي جيڪو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اهو حاصل نه ڪيو، اسان يوڪرين سان گڏ بيٺا رهنداسين جيستائين ان کي ضرورت هوندي.

اهڙن خيالن جو اظهار جينز اسٽولٽنبرگ يورپي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۽ ذيلي ڪميٽي فار سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس جي گڏيل اجلاس ۾ علائقائي سلامتي، يوڪرين ۾ جنگ ۽ يورپ نيٽو لاڳاپن جي موضوع تي بريفنگ ڏيندي ڪيو.

هن چيو ته صدر پيوٽن ٻه تاريخي غلطيون ڪيون آهن، پهرين اها ته هن يوڪرين جي عوام جي عزم جو غلط اندازو لڳايو ۽ ٻي اها ته هن نيٽو کي جارحيت جو خوف پيدا ڪري قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ اهي ناڪام ٿيا ۽ نيٽو پنهنجي مقصد جي ويجهو، اڳي کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويو.

هن فنلينڊ ۽ سويڊن جو مثال ڏيندي چيو ته اها تاريخي ڳالهه آهي ته فنلينڊ هاڻي نيٽو اتحاد جو ميمبر آهي ۽ اسان کي ان جو پس منظر ياد رکڻو پوندو.

Read Previous

جوڊيشل ڪمپليڪس سانحو: پرويز الاهي کي جيل موڪليو ويو

Read Next

شهزادي هيري پاران راڻي ايلزبيٿ کي سندس پهرين ورسي تي ڀيٽا پيش

Most Popular