مراڪش ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 300 کان وڌيڪ فوت، سوين زخمي

رباط: مراڪش ۾ زلزلي هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي. زلزلي جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ فوت جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا آهن. ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز مراڪش کان 44 ميل پري ڏاکڻون مغربي علائقو هو ۽ ان جي گهرائي زمين اندر 18.5 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

مراڪش جي سرڪاري ميڊيا موجب زلزلي جا لوڏا سامونڊي شهرن رباط. ڪاسا بلانڪا ۽ ايسا ويرا ۾ محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو مقامي وقت موجب رات 11 وڳي آيو. زلزلي جي شدت وڌيڪ هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

مراڪش جي گهرو وزارت تصديق ڪندي چيو آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 ڄڻا فوت ٿيا آهن. جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمين کي علاج لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي. وڌيڪ جاني نقصان صوبائي علائقن ۾ زلزلي جي مرڪز ويجهو ٿيو آهي.

زلزلي کان پوءِ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيڻ سبب امدادي ڪاررواين ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بجلي بند هجڻ سبب ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن جنهن سبب شهرين خوف وچان سڄي رات کليل هنڌن ۽ روڊن تي گذاري. جڏهن ته مراڪش جي پاڙيسري ملڪ الجيريا ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

Read Previous

ملڪ بحران جو شڪار آهي، سياست بجاءِ معيشت جي فڪر ڪرڻ گهرجي: آصف زرداري

Read Next

فرانس، اسڪولن ۾ عبايا تي پابندي، مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن مذمت ڪئي

Most Popular