ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي اعلان ڪيو آهي ته ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي اعلان تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي.
نريندر مودي جو چوڻ آهي ته سمورين ٽيمن جي محنت سان جي 20 سربراهه اجلاس جي پڌرنامي تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي وزيراعظم مودي اعلان بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو آهي.
واضح رهي ته جي 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ڀارت پهچي چڪا آهن.