توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس: بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور

احتساب عدالت توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سندس وڪيل لطيف کوسه ۽ انتظار پنجوتها عدالت ۾ پيش ٿيا.

لطيف کوسي عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي جي اڄ 2 وڳي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اٽڪ جيل ۾ ملاقات آهي. بشريٰ بي بي وٽ پنهنجي مڙس سان ملڻ جو هفتي ۾ هڪ ئي ڏينهن هوندو آهي. نيب به بشريٰ بي بي کي اڄ طلب ڪرڻ جو نوٽيس اماڻيو آهي هو اڳ به نيب آفيس ۾ پيش ٿي چڪي آهي.

وڪيل انتظار پنجوتها چيو ته نيب کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته تاريخ ۾ تعاون ڪري، ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب طرفان طلبي جو اڳ ٻڌائڻ ضروري نه هوندو آهي. بشريٰ بي بي جي توشه خانه ڪيس ۾ في الحال گرفتاري جي ضرورت نه آهي.

لطيف کوسي پنهنجي موقف ۾ چيو ته احتساب عدالت ڊائريڪشن جاري ڪري ته جيڪڏهن نيب کي گرفتاري جي ضرورت هجي ته پهريان عدالت کان اجازت ورتي وڃي. ان دوران لطيف کوسي بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ اسڪيڊل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي ۽ پنهنجي موقف ۾ چيو ته بشريٰ بي بي جي جيڪڏهن گرفتاري جي ضرورت هجي ته پهريان آگاهه ڪيو وڃي.

عدالت بشريٰ بي بي جي توشه خانه ڪيس ۾ 26 سيپٽمبر تائين ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض 26 سيپٽمبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن کان پوءِ بشريٰ بي بي جوڊيشل ڪمپليڪس رواني ٿي وئي.

Read Previous

ڌرڻا مسئلي جو حل نه آهن، مغوين جا وارث، سول سوسائٽي ۽ شهري ساٿ ڏين: آءِ جي سنڌ

Read Next

9 مئي سانحو: 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل، عمران خان 10 ڪيسز ۾ ڏوهاري قرار

Most Popular