هري رام ڪشوري لال جي فيڪٽري تي ڇاپو، 25 هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ، گودام سيل

پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد سانگهڙ روڊ تي قائم اڳوڻي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال جي فيڪٽري تي اسسٽنٽ ڪمشنر جو ڇاپو,فيڪٽري ۾ پيل 25 کان 30 هزار ڀاڻ جو ٻوريون هٿ ڪري گودام کي سيل ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي حسين بخش مري يونس رند پاران ڳجهي اطلاع تي پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد سانگهڙ روڊ تي قائم اڳوڻي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي فيڪٽري ۾ پيل فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني جون 25 کان 30 هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري گودام کي سيل ڪري ڇڏيو آهي,

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملي هئي ته هن فيڪٽري ۾ ڀاڻ کي اسٽاڪ ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي, جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي ڪاروائي ڪري فيڪٽري ۾ پيل ڀاڻ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي,هن ٻڌايو ته فيڪٽري اڳوڻي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال جي آهي جيڪا فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني کي ڪرائي تي ڏنل آهي, جڏهن ته ذريعن موجب خبر پئي آهي ته هن گودام مان اڄوڪي ڏينهن ۾ 50 کان 60 هزار ٽن ڀاڻ پرڪاش نالي ڊيلر کي ڏنو ويو آهي جيڪو غيرقانوني عمل آهي,

هن ٻڌايو ته فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني جي مالڪ کان فيڪٽري ۾ پيل ڀاڻ جو سمورو ريڪارڊ طلب ڪيو آهي, سڀاڻ تائين ريڪارڊ نه ڏنو ويو ته سيل ڪيل ڀاڻ سرڪاري اگهن تي آبادگارن کي ڏنو ويندو,

Read Previous

ليبيا ۾ سامونڊي طوفان جي تباهي: فوتين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو

Read Next

سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش، جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ

Most Popular