ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مليريا ۽ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي

ميرپورخاص شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مليريا ۽ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي ، اڪثر ننڍي عمر جا ٻار مرض ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا. رپورٽ موجب ميرپورخاص ۾ مڇرن جو آزار ۽ پيئڻ جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب شھر ۾ مليريا ۽ ڊائريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي.

ڪيترائي ٻار وبائي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته روز جي بنياد تي سول اسپتال ميرپورخاص جي ٻارن جي وارڊ ۾ 50 کان وڌيڪ ٻار داخل ٿين ٿا ، ٻارن جي وارڊ ۾ بيڊن جي کوٽ سبب ھڪ بيڊ 02 کان 03 ٻارن کي رکيو ويو آهي جنھن ڪري مريضن جي وارثن کي شديد تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو پوي ان کان سواءِ خانگي اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻار داخل آھن جڏھن ته داخل ٻارن جي وارثن جو چوڻ ھو ته تيز بخار سان گڏ ٻار کي الٽي ۽ دست شروع ٿين ٿا جنھن بعد ٻار جي حالت خراب ٿيو وڃي.

ھنن جو چوڻ ھو ته سندن علائقن ۾ مڇرن جو آزار آھي جنھن ڪري ٻارن سميت وڏي عمر جا ماڻھو پڻ بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھوڏانھن ڊاڪٽرن موجب مليريا جو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آھي ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي استعمال نه ڪرڻ سبب ڊائريا ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ پڻ تيزي اچي رھي آھي.

اڪثر ٻارن ۾ قوت مدافعت گھٽ ھجڻ سبب ھو مليريا ۽ ڊائريا ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن مريضن جي تعداد ۾ اظافي سبب بيڊن جي کوٽ پئدا ٿي آھي جنھن ڪري ھڪ بيڊ تي ھڪ کان وڌيڪ ٻارن کي رکيو ويو آهي شھرين کي گھرجي ته پاڻ سميت پنھنجي گھر ڀاتين کي مڇرن کان بچائين. پيئڻ جو صاف پاڻي استعمال ڪن.

Read Previous

انصاف واري آمريڪي کاتي پاران گوگل تي دوکي بازي جو الزام

Read Next

سنڌ ڪابينا اجلاس: ڪچي ۾ انٽرنيٽ جي سهوليت ختم ڪرڻ جو حڪم، ڌاڙيلن خلاف آرمي آپريشن جو فيصلو

Most Popular