سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد جي خاص عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسپيشل ڪورٽ فار سيڪريٽ ايڪٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

جج ابوالحسنات ذوالقرنين محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملاقات جي وڊيو ڏيکاري، جاچ ۾ شامل اڳوڻي وزيراعظم جو بيان به پڙهي ٻڌايو.

عدالت ۾ پراسيڪيوٽر اعظم خان جو بيان به پڙهي ٻڌايو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته سائفر ڪيس ۾ مدعو گهرو وزارت جو آفيسر آهي.

گهرو وزارت سائفر ڪيس کي هائي جيڪ ڪيو، سائفر واشنگٽن مان موڪليو ويو جيڪو پرڏيهي وزارت واپس ورتو. معاملو، چيئرمين پي ٽي آءِ تي ڪوڙا ڪيس ۾ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو الزام آهي، ڪيس ۾ قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي.

Read Previous

مستونگ ۾ ڌماڪو، پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله زخمي

Read Next

ايراني صدر جا سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد کي خط

Most Popular