شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي ڄامشوري ۾ رولز (سيپرا) بابت ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ

شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري پاران سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز (سيپرا) بابت 13-15 سيپٽمبر 2023ع تي ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو آهي.

ورڪشاپ ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس سيبس ۽ سرٽيفائيڊ پروڪيورمينٽ اسپيشلسٽ آصف علي شر ڪرايو جنهن ۾ مختلف شعبن جي چيئرمينز، فيڪلٽي ۽ اسٽاف ميمبرن شرڪت ڪئي.

ورڪشاپ مختلف شعبن ۽ آفيسن ۾ خريداري جي عمل جي حوالي سان فيڪلٽي ۽ عملي جي ميمبرن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو.

ورڪشاپ دوران رڪارڊ جي سار سنڀال، آفيسن ۽ شعبن لاءِ سامان جي خريداري، پروڪيورمينٽ پلاننگ جي ڪمن ۽ لاڳاپيل خدمتن، خريداري جي طريقن، نوٽيفڪيشن ۽ اشتهار، سپلائرز ۽ ٺيڪيدارن جي اهليت ۽ نااهلي، شڪايتن جي ازالي ۽ تڪرارن جي حل، لفافن جي کولڻ، جائزو وٺڻ ۽ رد ڪرڻ، ٺيڪن جي قبوليت ۽ خريداري جي معاهدن، خريداري مشاورتي خدمتون ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت ڄاڻ ڏني وئي. ورڪشاپ ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو.

Read Previous

ھنڱورجا لڳ زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

Read Next

ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

Most Popular