نواز شريف خلاف سازش سبب عوام کي مهانگائي ملي، مريم نواز

مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف چيو آهي ته غريبن لاءِ احساس رکندڙ نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف خلاف سازشن سبب عوام مهانگائي کي منهن ڏنو.

اسلام آباد ۾ مريم نواز جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي باني ميان محمد نواز شريف جي وطن واپسي ۽ استقبال بابت مشاورتي اجلاس ٿيو.

خيبرپختونخواهه جي پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان جي معمار جي واپسي ڀليڪار آهي، سازش ڪندڙئو گڊ باءِ.

مريم نواز چيو ته نواز شريف واپس نه اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ خوشين جو دور واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف کي مائنس ڪرڻ وارا پاڻ ’مائنس‘ ٿي ويا آهن، نواز شريف جو پيغام پاڪستان جي ترقي آهي، عوام کي مهانگائي کان بچايو.

Read Previous

چيف جسٽس عمر عطا بنديال الوداعي خطاب دوران لڙڪ هاري ويٺو

Read Next

ايران: حجاب واري معاملي تي حراست ۾ مارجي ويل مهسا اميني جي پهرين ورسي

Most Popular