سيف علي خان کان 10 سال ننڍي هجڻ تي خوش آهيان: ڪرينا ڪپور

بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته شادي ۾ عمر ۽ مذهب جو فرق ناهي، رشتي ۾ عزت هجڻ گهرجي.

ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو دوران ڪرينا ڪپور چيو ته عمر جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سيف پهريان کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچي رهيو آهي، مان خوش آهيان ته مان هن کان 10 سال ننڍو آهيان.

بالي ووڊ اداڪارا چيو ته ڪو نه چوندو ته سيف 53 سالن جو ٿي ويو آهي، حقيقت اها آهي ته اسان هڪ ٻئي سان تمام گهڻو خوش آهيون.
ڪرينا ڪپور وڌيڪ چيو ته ماڻهو منهنجي ۽ سيف جي مختلف مذهب ۽ عمر جي فرق تي تمام گهڻو ڌيان ڏين ٿا، اسان جي وچ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪريون ٿا ۽ هڪ ٻئي جي صحبت مان لطف اندوز ٿيون.

ياد رهي ته سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي شادي 2012 ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت سيف علي خان 53 سالن جو هو جڏهن ته ڪرينا ڪپور جي عمر 42 سال آهي ۽ ٻنهي کي 2 ٻار آهن.

ان کان اڳ سيف علي 1991ع ۾ پنهنجي کان 13 سال وڏي اداڪارا امرتا سنگهه سان شادي ڪئي هئي.

امرتا سنگهه سان سندس 2 ٻار اداڪارا سارا علي خان ۽ ابراهيم علي خان آهن.

سيف ۽ امرتا سنگهه ۾ 2004ع ۾ طلاق ٿي وئي.

Read Previous

ڊرامن ۾ ٽٽل رشتا ڏيکارڻ تي مشي خان جي سخت تنقيد

Read Next

ايشيا ڪپ فائنل: سراج لنڪا کي شڪست، ڀارت 51 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

Most Popular