بجلي چورن کان بقاياجات جي وصولي لاءِ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو فيصلو

بجلي چورن کان واجبات وصولي جي لاءِ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني(گيڪو) طرفان 41 وڏن ڊيفالٽرز جي فهرست هٿ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ گوجرانوالا ريجن ۾ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(آئيسڪو) وڌيڪ 73 بجلي چور پڪڙي ورتا ۽ 34 لک 50 هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو هينئر تائين 96 ڪروڙ 20 لک روپين جي ريڪوري جن ۾ لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ جا ڏنڊ شامل آهن. جڏهن ته سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني سيپڪو وڌيڪ 300 ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري ڇڏيا آهن.

Read Previous

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

Read Next

پٺاڻ سڀني کان سٺا هوندا آهن، رڳو دشمني ڊگهي هوندي اٿن: چيف جسٽس

Most Popular