جلدي يا غلطي، روهت شرما ايشيا ڪپ کٽڻ کانپوءِ هوٽل ۾ پنهنجو پاسپورٽ وساري ويٺو

جلدبازي يا غلطي، ڀارتي ڪپتان روهت شرما ايشيا ڪپ کٽڻ کانپوءِ سريلنڪا کان واپس ڀارت وڃڻ لاءِ هوٽل ۾ پنهنجو پاسپورٽ وساري ويٺو.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل آچر تي ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڀارت هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي شڪست ڏني هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ميچ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سان هڪ عجيب ۽ دلچسپ واقعو پيش آيو، جڏهن ڀارتي ٽيم ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿي ته معلوم ٿيو ته ڪپتان روهت شرما پنهنجو پاسپورٽ هوٽل ۾ ئي وساري چڪو هو..

ڀارتي ميڊيا موجب ان دوران بس ۾ سوار روهت شرما ۽ رانديگرن کي ڪولمبو ۾ هوٽل جي ٻاهر ڪجهه دير انتظار ڪرڻو پيو، جنهن بعد امدادي عملو روهت شرما وٽ پاسپورٽ کڻي آيو.

Read Previous

اورشي روٽيلا کان پوءِ هڪ وڌيڪ ڀارتي اداڪارا نسيم شاهه سامهون اچي وئي

Read Next

ثانيه مرزا جي پيءُ جي سالگرهه، ڌيءَ کي مبارڪون، ناٺي خاموش

Most Popular