بجلي جي قيمتن ۾ ٻن روپين تائين واڌ جو امڪان

ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 82 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.

سي پي پي اي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.

درخواست موجب گذريل مهيني 15 ارب 47 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي جڏهن ته بجلي جي پيداواري لاڳت 131 ارب 11 ڪروڙ روپيه رهي. سڀني کان مهانگي بجلي فرنس آئل مان پيدا ڪئي وئي. فرنس آئل مان بجلي جي پيداواري لاڳت 33 روپيه 32 پئسا في يونٽ رهي.

سي پي پي اي موجب 23 روپيه 71 پئسا في يونٽ بجلي ايل اين جي مان پيدا ڪئي وئي. ايران کان 25 روپيه 9 پئسا في يونٽ ۾ بجلي درآمد ڪئي وئي. جڏهن ته 24 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي نظر ٿي.

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان هڪ مهيني ۾ صارفين تي 131 ارب روپين جو بار پوندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بابت نيپرا ۾ 27 سيپٽمبر تي ٻڌڻي ٿيندي.

Read Previous

ثانيه مرزا جي پيءُ جي سالگرهه، ڌيءَ کي مبارڪون، ناٺي خاموش

Read Next

سنڌ پوليس کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

Most Popular