فاطمه ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا:گهرو وزير

نگران گهرو وزير حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي گهر پهچي ويا

خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي ڦرڙو پهچي آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ گهرو وزير حارث نواز متاثر خاندان سان ملاقات ڪري معصوم ٻارڙي فاطمه جي قتل تي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا

نگران گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ سھولتڪار گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت ھن معاملي ۾ پر عزم ۽ چوڪس آهي، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو،پوليس جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي

مقتول ٻارڙي فاطمه جي ماءُ شبانا ڦرڙو نگران گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي چيو ته اسان کي ٻيو ڪجهه به نه کپي، بس ڌيءَ جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي

Read Previous

عام چونڊون جنوري 2024 جي آخري هفتي ڪرايون وينديون: اليڪشن ڪميشن

Read Next

مداحن کان پري ناهيان، ڀلا ٻار به نه ڄڻيان ڇا؟ اداڪاره غنا

Most Popular