سنڌ جي گورنر سان نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي ملاقات، معاشي مسئلن تي ڳالهيون

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات دوران ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي مسئلن، معاشي صورتحال ۾ بهتري حڪمت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه برآمدات، سرمائيڪاري وڌائڻ جي قدمن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته معاشي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نگران حڪومت جا قدم تعريف جوڳا آهن. صنعتڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن جي تعريف ڪريون ٿا. ڪامران ٽيسوري چيو ته ڊالر جون قيمتون هيٺ اچڻ سان مختلف شعبن ۾ بهتري ايندي. سرمائيڪارن جي حوصله افزائي ۽ سهوليت ڏيڻ سان بهتر نتيجا سامهون ايندا.

ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته سرمائيڪاري ۾ اضافي لاءِ سرمائيڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. نگران حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وفاقي حڪومت ۽ صنعتڪارن سان رابطي جي لاءِ سنڌ جو گورنر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

Read Previous

شاهين ۽ انشا جو نئون سفر، شاهد آفريدي جي زال جي پوسٽ به سامهون اچي وئي

Read Next

انجيڪشن سان اکين جي روشني وڃڻ وارو معاملو: لاهور کان پوءِ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular