راڻيپور: فاطمه جي قتل کي 40 ڏينهن گذري ويا پر جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل کي 40 ڏينهن گذرڻ باوجود جاچ ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، پوليس گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه جي موبائيل فون جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

پوليس جو لاڳيتو اهو موقف آهي ته اسد شاهه فون جو ڪوڊ نه پيو ڏئي، قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار حنا شاهه به گرفتار نه ٿي سگهي

حنا شاهه جي گرفتار ڪيل پيءُ فياض شاهه بابت به پوليس جو چوڻ آهي ته کيس فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نه پر ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو اٿئون

جوابدار اسد شاهه سميت 14 کان وڌيڪ جوابدارن جي ورتل ڊي اين اي جزن جون رپورٽس به سامهون نه اچي سگهيون، معصوم فاطمه جي چاليهي جي موقعي تي اڄ خانواهڻ ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪرائي ويندي

Read Previous

مهانگائي ماريل عوام مٿان وري بجلي ڪيرائي وئي

Read Next

ڌيئرن مٿان پٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي: ماهرا خان

Most Popular