ايشين گيمز: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا وومين ٽيم فائنل ۾ پهچي وئي

ايشين گيمز 2023ع ۾ سريلنڪن وومين ٽيم سيمي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي.

سريلنڪا وومين ٽيم پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان وومينز جو 76 رنسن جو هدف سريلنڪا 17 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.

ايشين گيمز وومينز ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا جو مقابلو ڀارتي وومين ٽيم سان ٿيندو.

ٽينس وومينز سنگلز ۾ به پاڪستاني رانديگرن شاندار شروعات ڪئي، اشنا سهيل پهرين رائونڊ ۾ تاجڪستان جي ساميا تاکتيوا کي سڌي سيٽن ۾ شڪست ڏني.

ٻئي طرف ساره ابراهيم قطر جي هند المدخا کي ٽن سيٽن ۾ شڪست ڏني، جڏهن ته مردن جي سنگلز ۾ پاڪستان جي عقيل خان کي پهرين ئي رائونڊ ۾ شڪست ڏني وئي.

Read Previous

ڌيئرن مٿان پٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي: ماهرا خان

Read Next

ڪينيڊا جي سياست ۾ ڀارت جي غير ضروري مداخلت خطرناڪ آهي: سک اڳواڻ

Most Popular