سنڌ معدنيات سان مالامال، 17 قيمتي ذخيرن جا تفصيل جاري ، صوبائي ۽ وفاقي سرڪار حوالي

سکر: سنڌ جي معدني وسيلن جي کاتي پاران صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾ موجود معدني وسيلن جا انگ اکر فراهم ڪيا ويا آهن. سنڌ اندر معدنيات جا اڻ ڪٿيا وسيلن جا تفصيل سامهون آيا آهن. انهن تفصيلن ۾ سترنهن قسمن جا قيمتي معدنيات جا ذخيرا ٻڌايا ويا آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڄامشوري، ٺٽي ۽ ڪراچي جي علائقن ۾ بينٽونائيٽ جا اڻ ڪٿيل ذخيرا آهن جيڪي مٽي جي تيل، ڪاسمٽڪس، تيل جي صفائي ۽ ڪپڙي واري صنعت ۾ ڪتب ايندا آهن. چائنا ڪلي جا ذخيرا ٿرپاڪر ضلعي ۾ موجود آهن جيڪا ٿانون، اڇي سيمنٽ، رٻڙ ۽ ڪيميڪلس ۾ ڪتب ايندي آهي

چاڪ جا به اڻ ڪٿيل ذخيرا ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن ۾ موجود آهن جيڪي اڇي سيمنٽ، پولٽري ۽ چوني واري رنگ ۽ چن لاءَ ڪتب ايندو آهي. رپورٽ موجب سيلسٽائيٽ جا اڻ ڪٿيل ذخيرا ڄامشوري ۾ آهن جيڪي اڇي رنگ ۽ روغن جي صنعت، دوائن سميت مختلف صنعتن ۾ ڪتب ايندو آهي. ڊولومائيٽ جا ذخيرا به ٺٽي ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ آهن جيڪي اسٽيل مل، روڊ ميٽل ۽ پڪي ليپي لاءَ ڪم ايندو آهي. فلرز ارٿ جا به اڻ ڳڻيئي ڪاٿي وارا ذخيرا حيدرآباد، دادو، سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ آهن، هن معدني وسيلي سان ڪپڙو به صاف ٿيندو آهي ته تيل به صاف ڪيو ويندو آهي ته رنگ ۽ ميڪ اپ لاهڻ لاءِ به ڪتب ايندو آهي

ٿرپارڪر ضلعي ۾ قيمتي معدني وسيلو گرينائيٽ جو آهي جنهن جو ڪاٿو 26.09 بلين ٽن لڳايو ويو آهي. هي هڪ قيمتي پٿر آهي جيڪو سجاوٽ توڙي عمارت سازيءَ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. جپسيم جا اڻ ڪٿيل ذخيرا سانگهڙ، ٿرپاڪر ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ ڀريا پيا آهن. هي معدنيات سيمنٽ، پڪي رنگ، فرٽيلائيزر وغيره لاءِ ڪتب ايندي آهي. چن جي پٿر جا ذخيرا خيرپور ميرس، دادو، ڄامشوري، لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد، ٺٽي ۽ ڪراچي جي علائقن ۾ اڻ ڳڻيي مقدار جا ڄاڻايا ويا آهن. رپورٽ موجب هي معدنيات گهڻي ڀاڱي پٿر جي اڏاوت، سيمنٽ جي ڪارخانن، اسٽيل ميل، ڪيميڪل جي صنعت، کنڊ جي ڪارخانن لاءِ ڪتب ايندي آهي. ليٽرائيٽ جا اڻ ڪٿيا ذخيرا ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن ۾ موجود آهن. هي معدنيات رنگ ۽ سيمنٽ ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندي آهي. ڍنڍن واري لوڻ جا معدني وسيلا به اڻ ڪٿيا خيرپور ميرس، سانگهڙ، دادو ۽ ٿرپاڪر ضلعن جي علائقي ۾ موجود آهي

هي معدنيات ڪيميڪل ۽ مڇيءَ واري ڪم ۾ ڪتب ايندي آهي. ماربل جا ذخيرا ڄامشوري ضلعي ۾ 1210 ملين ٽن ڪٿيا ويا آهن. هي معدنيات عمارت سازي، سجاوٽ ۽ هٿ جي هنر لاءِ ڪتب ايندي آهي. هن جا ذخيرا ڄامشوري، ٺٽي ۽ دادو ضلعن ۾ موجود آهن. ڪوارٽزائيٽ سينڊ اسٽون جا اڻ ڪٿيل ذخيرا دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ موجود آهن جيڪي ٽائلن جي روفنگ، ڏاڪن، واريءَ جي سرن وغيره لاءِ ڪم ايندو آهي. اڻ ڪٿيل ڳاڙهي مٽي ڄامشوري ۽ ٺٽي ۾ موجود آهي جيڪا پڻ سيمنٽ ۽ رنگ واري صنعتن لاءِ لاڀائتي هوندي آهي. سيمنٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ايندڙ مٽي ۽ شيل مٽيءَ جو اڻ ڪٿيل مقدار ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن ۾ موجود آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ اڻ ڪٿيل سليسا سينڊ موجود آهي جيڪا شيشي جي صنعت لاءِ انتهائي ڪارآمد آهي. ٽرونا جهڙي معدنيات خيرپور ۽ شهيد بي نظير آباد ضلعن ۾ موجود آهي جيڪا ڪيميڪل واري صنعت ۽ مختلف ڪارخانن توڙي صرف ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي آهي. انهي رپورٽ ۾ انهن معدنيات جي جڙڻ وارا فارمولا به ڏنا ويا آهن جن مان انهن جي معيار جو پتو پئي ٿو

Read Previous

فياض شاهه کي پروٽوڪول ڏيندڙ ايس ايڇ او راڻيپور معطل

Read Next

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ خالي بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري

Most Popular