
واپاري عزيز سيکا جي گهر تي ڇاپي دوران 23 هزار آمريڪي ڊالر ۽ 2 ڪروڙ 60 لک روپين جي پاڪستاني ڪرنسي هٿ ڪئي وئي
پي اي سي ايڇ سوسائٽي ۾ واپاري جي گهر تي ڇاپي دوران ساڍا 5 لک روپين جا پرائيز بانڊز ۽ 2 موبائيل فون به هٿ ڪيا ويا
ايف آءِ اي جي اختيارين موجب عزيز سيکا امپورٽڊ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، حساس ادارن ۽ ايف آءِ اي پاران سندس گهر جي نگراني ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي
ڇاپو هڻندڙ ٽيم موجب نوٽن جون دستيون وهاڻن ۾ لڪايون ويون هيون، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي