ڪنهن به سياسي پارٽي جي اڳواڻ کي چونڊن کان اڳ تنقيد جو نشانو نه بنائڻ گهرجي: راڻا ثناءُالله

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي ۽ اڳواڻ کي چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ نشانو نه بنائڻ گهرجي.

پنهنجي هڪ بيان ۾(ن) ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته اسان سياسي پارٽين کي نشانو بنائڻ جي حق ۾ نه آهيون پر جيڪڏهن ڪابه پارٽي يا اڳواڻ ملڪي دفاع تي حملا ڪندو ۽ شهيدن جي مجسمن جي بيحرمتي ڪندو ته ڇا ان تي ڪيس ان لاءِ نه هلڻ گهرجن ته هن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي.

هن چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي لاهور پهچندو، نوازشريف لاهور پهچڻ کان پوءِ مينار پاڪستان ويندو، مينار پاڪستان تي جلسو ٿيندو جنهن کي نوازشريف خطاب ڪندو. اسان جي چونڊ مهم جي شروعات مينار پاڪستان کان ٿيندي.

راڻاثناءُالله چيو ته نوازشريف جي خلاف جيترا به ڪيسز آهن اهي ڪوڙ تي ٻڌل آهن، اڄ ملڪ جو جيڪو حال آهي اهو ان سازش جي ڪري آهي جيڪا نوازشريف جي خلاف ڪئي وئي، 2018 ۾ جڏهن 25 جولاءِ تي چونڊون ٿيون ته نوازشريف ڪٿي هو؟

هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف کي اقامي ۾ نااهل ڪيو ويو، سينيٽ ۾ اسان جي سينيٽرز کي ٻٽي شهريت جي آڌار تي نااهل قرار ڏنو ويو، اهو سڀ ڪجهه رڪارڊ تي موجود آهي.

Read Previous

توهين جوڳي مواد جي اشاعت وارو ڪيس: نگران وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير عدالت طلب

Read Next

عراق ۾ شادي جي تقريب دوران باهه لڳي وئي، گهوٽ، ڪنوار سميت 113 ڄڻا سڙي فوت

Most Popular