سڪرنڊ لڳ آپريشن: 2کان وڌيڪ ڳوٺاڻا مارجي ويا ، ڪيترائي زخميِ: ڌرڻو

سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪئي، گهر گهر جهڙتي دوران 2 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، مارجي ويل ۾ اڪن جلباڻي ۽ نيهال جلباڻي شامل آهن

ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته آپريشن دوران اهلڪار گهرن ۾ گهڙي آيا، عورتن جي دانهن تي پهتاسين ته فائرنگ ڪئي وئي

گوليون لڳڻ سبب 2ڄڻا مارجي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته مارجي ويلن ڳوٺاڻن جا لاش رستن تي پيل به نظر آيا

ٽن مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، ايمبولينسون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون

ٻئي پاسي مقتولن جي وارثن ٻن ڄڻن جا لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن واقعي جي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

Read Previous

فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس: آءِ بي ۽ پيمرا کانپوءِ وفاقي سرڪار پاران به درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

Read Next

سنڌ اسيمبلي جون 80 گاڏيون پيٽرول سوڌو غيرقانوني طور استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

Most Popular