سنڌ اسيمبلي جون 80 گاڏيون پيٽرول سوڌو غيرقانوني طور استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌ اسيمبلي جون 80 گاڏيون پيٽرول سوڌو غيرقانوني طور استعمال ٿي رهيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ اهي گاڏيون استعمال ٿي سگهن ٿيون، اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جون 22 گاڏيون استعمال ڪري رهيو آهي

سنڌ اسيمبلي جي ملازم آفتاب مهر چيف اليڪشن ڪمشنر، گورنر، نيب چيئرمين ۽ نگران وڏي وزير ڏانهن ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ليگل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي اڳوڻي ايم پي ايز ۽ ٻين کي گاڏيون واپس ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر گاڏيون واپس نه ڪيون ويون، سنڌ اسيمبلي جون 3 گاڏيون اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر وٽ آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين وٽ 9 گاڏيون آهن

اڳوڻو اسپيڪر ۽ اڳوڻا ايم پي ايز 11 گاڏيون گذريل 10 سالن کان پئٽرول سان گڏ استعمال ڪري رهيا آهن، سنڌ اسيمبلي جون 24 گاڏيون اڃا تائين گم آهن جن جي ايف آءِ آر به داخل نه ڪرائي وئي آهي

Read Previous

سڪرنڊ لڳ آپريشن: 2کان وڌيڪ ڳوٺاڻا مارجي ويا ، ڪيترائي زخميِ: ڌرڻو

Read Next

سرڪاري آفيسرز لاءِ صاحب لفظ استعمال نه ڪرڻ جو حڪم

Most Popular