ڏهرڪي ۾ واپڊا جو آپريشن، ڀرچونڊي پيرن مٿان فائرنگ ڪرڻ جا الزام

ڏهرڪي ۾ واپڊا عملدارن بجلي چورن خلاف آپريشن دوران الزام هنيو آهي ته ڀرچونڊي پيرن واپڊا عملدارن تي فائرنگ ڪئي آهي

واپڊا ايڪسين معراج شيخ پاران اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي

ايڪسيئن معراج شيخ الزام هنيو آهي ته ميان سميع محلي ۾ باقيدارن خلاف آپريشن پي ڪيو ته ڀرچونڊي پيرن اسان مٿان فائرنگ ڪئي

ايس ڊي او ڏهرڪي موجب ڀلي پير سڌيون گوليون هلائين پر هاڻ بجلي چوري ڪرڻ ڪو نه ڏينداسين

فائرنگ جي واقعي کان پوءِ پوليس پهچڻ بعد واپڊا عملدار ڀرچونڊي پيرن جا ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا

Read Previous

ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل ڪيترا افغاني گرفتار ٿيا: تفصيل جاري

Read Next

ٽڪ ٽاڪر صندل سان سعودي ۾ فراڊ، ويزا رد ڪرڻ جي ڌمڪي

Most Popular