فاسٽ بالر احسان الله سرجري کانپوءِ صحتياب ٿي ويو

قومي فاسٽ بالر احسان الله سرجري کانپوءِ صحتياب ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب احسان الله جي ڪلهي تي موجود محافظ هڪ مهيني کانپوءِ هٽايو ويندو، جنهن کانپوءِ سندس بحالي شروع ڪئي ويندي.

احسان الله چيو آهي ته سمورا مداح منهنجي صحتياب ٿيڻ ۽ سٺي واپسي لاءِ دعا ڪن.

واضح رهي ته احسان الله جي کلهيءَ ۾ چوٽ هئي جنهن کانپوءِ هن گذريل مهيني ڪلهن جي سرجري ڪئي هئي.

Read Previous

شاداب خان جي 25 هين سالگرهه، زال جو سرپرائز

Read Next

ويرات ڪوهلي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽڪيٽون گهرڻ وارن کان پريشان

Most Popular