سائيفر ڪيس، پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪئي

پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار، فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد سڀاڻي کان پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف اڊيالا جيل ۾ ٽرائل شروع ٿي ويندو

سڀاڻي کان سائيفر ڪيس ۾ گواهن جا بيان ريڪارڊ ڪيا ويندا، عدالت سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

Read Previous

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت، ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل

Read Next

گئس 226 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪريو: سوئي سدرن جي اوگرا کي درخواست

Most Popular