پي ٽي آءِ جي درخواست: چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد چونڊ نشان نه ٿو روڪي سگهجي: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪامران حيات پي ٽي آءِ جي بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن شيڊول جاري ٿي چڪو آهي، هاڻي چونڊ نشان نه ٿو روڪي سگهجي

پي ٽي آءِ جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسي اختيارن کي اورانگهيو آهي، پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون پشاور ۾ ٿيون

پي ٽي آءِ جي وڪيل موجب اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن کي بهتر قرار ڏيندي سرٽيفڪيٽ به ڏنو، ڪجهه ڏينهن بعد اليڪشن ڪميشن انٽراپارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو نشان کسي ورتو

پي ٽي آءِ پاران ڪرايل انٽرا پارٽي چونڊون شفاف هيون، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي پي ٽي آءِ کي بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي

تحريڪ انصاف بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

Read Previous

نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي هٽائڻ جو حڪم

Read Next

نواز شريف جا اين اي 130 لاهور تان نامزدگي ڪاغذ منظور

Most Popular