شهيد بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پيپلزپارٽي جو جلسو

شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي اڄ 16 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پيپلزپارٽي جو جلسو شروع ٿي ويو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا جلسي گاهه ۾ اسٽيج تي موجود

 اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ بينظير ڀٽو ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتن سان مهاڏو اٽڪايو

 جمهوريت جي بحالي واري جاکوڙ دوران سندس والد ۽ ٻن ڀائرن به شهادت ماڻي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي دوران شهيد ڪيو ويو

شهيد راڻي جي سورهين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو سميت مختلف شهرن ۾ قران خواني جيالن پاران رت جا ڏيئا ٻاري شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش پيش ڪئي پئي وڃي

Read Previous

ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي واهه ۾ ڪري پئي، 25 ڄڻا زخمي

Read Next

شاهه محمود قريشي سائيفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

Most Popular